ڊاڪٽر قاضي عبدالشڪور صديقي

ڊاڪٽر قاضي عبدالشڪور صديقي

قاضي عبدالشڪور صديقي ڊاڪٽر

قاضي عبدالشڪور صديقي ڊاڪٽر: سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر قاضي عبدالشڪور صديقي، 1944ع ۾ عالم ۽ بزرگ مخدوم ميان علي گوهر صديقيءَ جي گهر، پاٽ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. مذهبي ۽ علمي گهراڻي سبب کيس عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ملي. جنهن بعد 1962ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادوءَ مان مئٽرڪ ۽ 1964ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي حيدرآباد مان انٽر ڪيائين. 1966ع ۾ ميڊيڪل جي شاگرد جي حيثيت ۾ فزڪس ۽ ڪيمسٽريءَ جي موضوع ۾ ‘ڇو ۽ ڪيئن’ جي عنوان سان ڪتاب لکيائين. 1969ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري مان ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1971ع ۾ فوج ۾ ڊاڪٽر طور ڀرتي ٿيو، جنهن دوران سي. ايم. ايڇ حيدرآٻاد ۾ اسٽاف سرجن جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏنائين. 1974ع ۾ جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ بدلي ٿيو. جتي ‘ٿڻن ۽ ٻارن جي ڪينسر’ تي تحقيق پن ڪيائين. ان سلسلي ۾ اٽلي، انگلنڊ، جپان، جرمني ۽ هالينڊ ۾ مختلف ڪورس پڻ ڪيائين. پاڻ جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تي پڻ رهيو. جنهن دوران يورپين پيٿالاجي ڪائونسل جو لائيف ميمبر چونڊيو ويو. پاڻ مسيحائي شعبي سان وابسته هئڻ سبب ٻهراڙين جي ماڻهن جي علاج جي سلسلي ۾ هر طرح مدد پڻ ڪندو رهيو. کيس سماجي ڪمن ۾ گهڻو لڳاءُ رهيو. دادو جي ڪيترن ئي غريب ٻارن کي پڙهائڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو. ڊاڪٽر عبدالشڪور صديقي 2004ع ۾ جناح اسپتال ڪراچيءَ جي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان رٽائر ڪيو. کيس پنهنجي شعبي ۾ خدمتن عيوض صدارتي اوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. ان کانپوءِ هي ڳچ وقت ڪراچيءَ ۾ شيخ سلطان ٽرسٽ جو ايڊمنسٽريٽر رهيو. هن جو هڪ شاعريءَ جو ڪتاب (ترجمو) ۽ هڪ ڪتاب ‘شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ نينهن جو تصور’ جي نالي سان سنڌي انگريزيءَ ۾ ڇپيل آهي. قاضي عبدالشڪور پنهنجي مرحوم ڀاءُ عبدالغنيءَ جي نالي ۾ قائم ٿيل خيراتي غني اسپتال جو ٽرسٽي آهي. هن وقت اسريٰ يونيورسٽيءَ جي ڪراچي ڪيمپس ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو